ثابت پوٽا

ثابت پوٽا: ڏيرن جي هڪ پاڙي جو نالو جيڪي ثابت فقير جو اولاد آهن، هن پاڙي مان شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي والده هئي، روايت موجب هڪ دفعي ماڻهن شاهه صاحب کان پڇيو ته توهان جي والده غير سادات آهي؟ ته پاڻ ان جي جواب ۾ هيٺيون بيت چيائون ته:
سڱ پسي سرهي مَ ٿئي، ڪانه پڇي ٿي ذات


هن صفحي کي شيئر ڪريو